اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان  اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار زلمي خليل زاد جي ملڪي سياسي حالتن تي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي سان پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪستان کي پيش چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن جي صلاح جي ضرورت ناهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پرعزم قوم موجوده ڏکي صورتحال مان مضبوطي سان نڪرندي. واضح رهي ته افغانستان لاءِ آمريڪا جي اڳوڻي خاص نمائندي زلمي خليل زاد چيو آهي ته پاڪستان ٽن بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي، عمران خان جي گرفتاري سان بحران وڌندو، بحران کي روڪڻ لاءِ جون جي شروعات ۾ قومي چونڊن جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي، جيڪا پارٽي اليڪشن کٽي ان کي عوام جو مينڊيٽ ملندو ته ڇا ڪرڻو آهي.