سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ لڳ 50 جوڙن جي اجتماعي شادي جي تقريب، سوين ڳوٺاڻن جي شرڪت، خبر موجب ورڪشاپ شهر ۾ برسات سٽيل مرجهايل چهرن تي مرڪون موٽائڻ لاءِ مولوي محمد اسحاق طرفان 50 جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائي وئي، تقريب ۾ علائقي جي مستحق جوڙن کي روز مرهه جي استعمال جو سامان ڏاج ۾ ڏنو ويو، گهوٽن ۽ ڪنوارين جي والدين ٻڌايو ته برساتن کان پوءِ سندن سڀ ڪجھه لڙهي ويو، نااميد ٿي ويٺل هياسين، جنهن بعد اولاد جون شاديون ڪرائي خوشيون موٽايون ويون آهن، مولوي محمد اسحاق سموريون خوشيون موٽائڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي، اسان کي اميد نه هئي ته اسان جي گهرن ۾ خوشيون ٻيهر اينديون.