ٽنڊوغلام علي(ن پ ا) حيدرآباد تعليمي بورڊ جي سال 2022 جي سالياني امتحان ۾ ٽنڊوغلام علي جي لٽل اسٽار پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج مان ٽنڊوغلام علي جي ڳوٺ مصري جوڳي جي ٽن جوڳي برادري جي غريب ھوشيار شاگردن پهلاج ڪمار، رميش ڌنو ۽ ھيمراج جوڳي نائين ڪلاس جي امتحان ۾ اي ون گريڊ کڻي پنهنجي جوڳي برادري جو ڳاٽ اونچو ڪيو ۽ پنهنجي تعليمي اداري جي استادن جو نالو پڻ  روشن ڪيو انهي موقعي تي جوڳي برادري جي شاگردن “پنهنجي  اخبار” کي ٻڌايو ته اسان جي برادري ۾ تعليم نه ھئڻ جي برابر آهي پر اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت محنت مزدوري ڪري ٽنڊوغلام علي جي پرائيوٽ لٽل اسٽار پبلڪ اسڪول ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ نائين ڪلاس ۾ اي ون گريڊ کڻي ڪاميابي ماڻي آهي ھنن چيو ته ان جي ڪاميابي ۾ اسان جي اسڪول جي استادن جي بهترين پڙھائي جو نتيجو آهي آخر ۾ ھنن پنهنجي جوڳي برادري کي اپيل ڪندي چيو ته ھاڻ پنڻ جي ڌنڌي کي ڇڏي پنهنجي ٻارڙن کي تعليم ڏيارين. هوڏانهن استادن قاضي فرقان ميمڻ، امير بخش احمداڻي ۽ ٻين استادن ٻڌايو ته شهر جو ھي پهريون پرائيويٽ ڪاليج آھي جنهن مان ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري مختلف کاتن ۾ ڪم ڪري رھيا آهن ھنن چيو ته سال 2022ع حيدرآباد بورڊ جي سالياني امتحان ۾ اسان جي اسڪول ۾ 50 کان مٿي شاگردن ۽ شاگردياڻين پهرين پوزيشن کڻي حيدرآباد بورڊ ۾ اسان جي اسڪول جو نالو روشن ڪيو.