ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: ڀارت کانپوءِ شاھينن جي نيوزي لينڊ جي خلاف بھ شاندار فتح

0
257
شاھينن جي نيوزي لينڊ جي خلاف بھ شاندار فتح
ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: ڀارت کانپوءِ شاھينن جي نيوزي لينڊ جي خلاف بھ شاندار فتح

ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: ڀارت کانپوءِ شاھينن جي نيوزي لينڊ جي خلاف بھ شاندار فتح
دلچسپت مقابلي بعد پاڪستان ڪيويز آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ قابو ڪري ڇڏي
شارجھ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم نيوزي لينڊ جي خلاف ٽاس کٽي بولنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جڏھن تھ قومي ٽيم ۾ ڪابھ تبديل نھ ڪئي وئي


نيوزي لينڊ جي اننگز
نيوزي لينڊ پاڪستان جي خلاف مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاھيون، ڊيرل مچل ۽ ڊيون ڪونوي 27،27 رنسون ٺاھيون جڏھن تھ پاڪستان جي طرفان حارث رئوف شاندار بالند ڪندي 22 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون
انھيءَ جي علاوھ محمد حفيظ، عماد وسيم ۽ شاھين شاھھ ھڪ، ھڪ وڪيٽ حاصل ڪئي
نيوزيلينڊ جي پھرين وڪيٽ 37 رنسن تي ڪري جڏھن حارث رئوف جي بال تي مارٽن گپٽل 17 رسون ٺاھي آئوٽ ٿي ويو


54 رنسن تي نيوزيلينڊ جي بيٽسمين ڊيرل مچل بھ عماد وسيم جي بارل تي 27 رنسون ٺاھي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو
نيوزيلينڊ جي ٽيئن وڪيٽ 56 رنسن تي ڪري، جيمز نيشم محمد حفيظ جي بال تي رڳو 1 رنس ٺاھي آئوٽ ٿي ويو

نيوزلينڊ جي چوٿين وڪيٽ 90 رنسن تي ڪري، ڪپتان وليم سن حسن علي جي ڊائريڪٽ ٿرو جو شڪار ٿيو، ھو 25 رنسون ٺاھي سگھيو

نيوزيلينڊ جي ڊيون ڪونوي ۽ گلين فلپس 17 ھين اوور ۾ حارث رئوف جو شڪار بڻيو
انھيءَ جي علاوھ ٽم سائفرٽ 8 رنسون ٺاھي شاھين شاھھ جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو
پاڪستان جي اننگز

پاڪستان آخري اوورن ۾ شعيب ملڪ ۽ محمد آيف جي ذميواراڻي بيٽنگ سبب 135 رنسن جو حدف 19 ھين اوورن ۾ مڪمل ڪيو
نيوزيلينڊ جي 137 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان جي پھرين وڪيٽ 28 رنسن تي ڪري، ڪپتان بابر اعظم 9 رنسون ٺاھي ٽم سائوٿي جي بال تي بولڊ ٿيو

بابر اعظم کي بولڊ ڪندي ٽم سائوٿي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيلشنلز ۾ وڪينٽن جي سينچري مڪمل ڪري ورتي

ھن اھو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ ٽيون بولر آھي انھيءَ کانل اڳ سري لنڪا جي ملنگا ۽ بنگلاديش جي شڪيب الحسن ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ وڪيٽن جي سينچري مڪمل ڪري چڪا آھن
نيوزيلينڊ پنھنجو ٻيون شڪار 9 اوور ۾ ڪيو، پاڪستان جي فخرالزمان 11 رنسون ٺاھي سودھي جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو
پاڪستان ٽيم جو اسڪور 63 رنسن تي پھتو تھ حفيظ سينٽر جي بال تي قدم وڌائي لانگ آف جي طرف ھوا ۾ شارٽ کيڏيو، نيوزيلينڊ جي ڊيون ڪونوي جي بال کي پڪڙي ھڪ شاندار ڪيچ پڪڙيو ۽ حفيظ کي 11 رنسن تي پويلين اماڻي ڇڏيو

پاڪستان جي محمد رضوان 33 رنسون ٺاھي سودھي جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو
پاڪستان ٽيم جو اسڪولر 87 رنسن تي پھتو تھ عماد وسيم غلط شارٽ کيڏي بولٽ جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو