فرانسيسي سفير کي نيڪالي ڏئي نه ٿا سگهون، ٽي ايل پي جا باقي سڀ مطالبا منظور آهن: شيخ رشيد

0
232
ڪابه اِن هائوس تبديلي

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته فرانس جو سفارتخانو بند ڪري نه ٿا سگهون ۽ نه وري فرانسيسي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏئي سگهون ٿا. ٽي ايل پي جا پابنديون هٽائڻ سميت باقي سڀ مطالبا مڃڻ لاءِ تيار آهيون

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته حڪومت، فوج ۽ سمورا ادارا ان معاملي ۾ هڪ پيج تي آهن ته فرانسيسي سفير کي نيڪالي ڏئي نه ٿي سگهجي، ان جا پاڪستان تي خوفناڪ اثر پوندا ۽ ملڪ تي وڏو عالمي دٻاءُ اچي ويندو. وفاقي وزير چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته پاڪستان ۾ عراق، لبنان، شام ۽ يمن جهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي، اسان بدامني نه ٿا چاهيون

شيخ رشيد چيو ته ٽي ايل پي ۽ ان جي سربراهه سان ڳالهيون ٿيون آهن ۽ هنن اڄ شام تائين بند ڪيل رستا کولڻ جو وعدو ڪيو هو پر اڃا تائين رستا نه کوليا آهن، سعد رضوي سان اڄ ۽ سڀاڻي به ڳالهه ٻولهه ڪندس. ٽي ايل پي کي اپيل ڪئي اٿئون ته اسلام ۽ پاڪستان جي قومي مفادن خاطر هو پنهنجي پهرين مطالبي تان هٿ کڻي وڃن. وفاقي وزير چيو ته فرانس واري معاملي تي ٽي ايل پي راضي نه ٿي ته پوءِ ڇا ٿيندو ان جي مون کي خبر نه آهي، پر اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ڳالهين ذريعي معاملو نبري وڃي

وفاقي گهرو وزير چيو ته فرانسيسي سفير جي نيڪالي وارو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي وينداسين ته اپوزيشن هونئن ئي نه ايندي ۽ معاملي کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، تنهن ڪري ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪري معاملو نبيرڻ چاهيون ٿا