پاڪستاني بالرز هٿان نيوزيلينڊ جي بيٽنگ لائين تباهه، ڪيويز رڳو  135 رنس جو هدف ڏئي سگهيا

0
245
شاھينن جي نيوزي لينڊ جي خلاف بھ شاندار فتح
ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: ڀارت کانپوءِ شاھينن جي نيوزي لينڊ جي خلاف بھ شاندار فتح

شارجا: ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي اهم دنگل ۾ پاڪستاني بالرز نيوزيلينڊ جي بيٽنگ لائين کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ڪيوي بيٽسمين پاڪستاني بالرز آڏو بيهي نه سگهيا ۽ نيوزيلينڊ مقرر اوورز ۾ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ رڳو  135 رنس جو هدف ڏئي سگهيا. نيوزيلينڊ جي ٽيم 8 وڪيٽس جي نقصان سان پاڪستان کي 134 رنس جو هدف ڏئي سگهي

پاڪستان پاران حارث رئوف 22 رنس ڏئي 4 وڪيٽس ورتيون، محمد حفيظ، عماد وسيم ۽ شاهين شاهه آفريدي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. نيوزيلينڊ پاران ڊيرل مچل ۽ ڊيون ڪونوي 27-27 رنس ٺاهي نمايان رهيا. نيوزيلينڊ جا چوٽيءَ جا بيٽسمين پاڪستان جي جارحاڻي بالنگ آڏو بي وس نظر آيا