ڪراچي( اسٽاف رپورٽر )ڪراچي جي واپارين هفتي ۾ 2 ڏينهن ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروبار بند رکڻ واري حڪومت جي فيصلي کي رد ڪندي جمعي ۽ آچر تي ڪاروبار بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان سٽي واپاري اتحاد جي اڳواڻ شرجيل گوپلاڻي، محمود حامد ۽ ٻين چيو آهي ته ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروبار بند ڪرڻ وارو حڪومتي فيصلو قبول ناهي، جيڪڏهن سرڪار کي ڪاروبار بند رکڻو آهي ته جمعي ۽ آچر تي بند رکيو وڃي. هنن چيو ته حڪومت جي نئين جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي اعتراض آهن، اسان لائحه عمل جوڙڻ لاءِ اجلاس پڻ سڏايو آهي. هنن چيو ته 10هين رمضان المبارڪ کانپوءِ ڪاروبار پورو هفتو کولڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. رمضان جي آخري ڏينهن ۾ ڪاروبار ٿيندو آهي، واپاري ايس او پيز تي مڪمل طور عمل ڪرڻ لاءِ به تيار آهن.