حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ انتظاميا پاران گهرو کاتي جي فيصلي تحت شهر ۾ ڪاروباري مرڪز بند ڪرايا ويا. گهرو کاتي ابتدائي طور هفتي ۾ 2 ڏينهن جمع ۽ آچر تي ڪاروبار بند پئي ڪرايو پر گذريل ڏينهن منجهند ڌاري اوچتو لاڳاپيل ٿاڻن جي پوليس مارڪيٽن جو رخ ڪري مارڪيٽون ۽ دڪان بند ڪرائي ڇڏيا. قاسم آباد، لطيف آباد ۽ سٽي واري علائقي ۾ گذريل ڏينهن صبح جو معمول موجب دڪاندارن ۽ واپارين پهچي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو پر حيدرآباد پوليس پاران منجهند ڌاري پڌرائي جاري ڪئي وئي ته گهرو کاتي جي فيصلي تحت هاڻي ڪاروبار جمع جي ڏينهن بدران ڇنڇر ۽ آچر تي بند رهندو. اهڙو نوٽيفڪيشن وائرل ٿيڻ بعد ڪلاٿ مارڪيٽ، ريشم بازار، صدر، ڪينٽ، حيدر چوڪ، گاڏي کاتو، گول بلڊنگ، اسٽيشن روڊ، لجپت روڊ، هير آباد، جيل روڊ، حيدرآباد ڄامشورو روڊ، آٽو ڀان رود، ٿڌي سڙڪ ۽ ٻين علائقن ۾ کليل مارڪيٽون پوليس اٽالن پهچي بند ڪرائي ڇڏيون هيون. حيدرآباد پوليس جي ڊي آءِ بي برانچ پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڇنڇر ۽ آچر کان علاوه ڪاروباري مرڪز سحري کان 6 وڳي شام تائين کولڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته ريسٽورنٽس ۾ اندر کائڻ پيئڻ جي اجازت نه هوندي. آئوٽ ڊور لاءِ هوٽلون رات 12 وڳي تائين کليل هونديون. ڊي آءِ بي برانچ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهر ۾ قائم سئنيما ۽ مزارون مڪمل طور بند رهنديون. ثقافتي تقريبن توڙي راندين تي به پابندي هوندي. پارڪ به بند رهندا رڳو واڪ ۽ جوگينگ لاءِ ايس او پيز تحت کوليا ويندا. شادين جي تقريبن تي به پابندي هوندي. ٻين ضلعن ڏانهن ويندڙ ٽرانسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو مسافر کڻڻ جي اجازت هوندي. بين الصوبائي ٽرانسپورٽ 2 ڏينهن ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل طور بند رهندي. عوامي هنڌن تي ماسڪ جي استعمال کي يقيني بڻائي سماجي فاصلي جو پڻ خيال رکيو ويندو. گهرو کاتي جو حڪم نه مڃيندڙ ماڻهن خلاف ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، ليبر آفيسر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عملدار ڪارروايون ڪندا. ڄاڻايل حڪم 16 مئي تائين لاڳو هوندو. هوڏانهن بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي هئڻ سبب موٽروي تي ڪيترن ئي مسافر بسن، ڪوچز ۽ وينن کي روڪيو ويو ۽ مسافرن کي گاڏين مان لاهي متبادل ٽرانسپورٽ ذريعي واپس پنهنجن پنهنجن علائقن ڏانهن اماڻيو ويو جڏهن ته قانون تي عمل نه ڪندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف ڪارروائي ڪندي لاڳاپيل عملدارن کانئن ڏنڊ به وصول ڪيا.