حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ٻيهر حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪ ڏيندي چيو آهي ته اسان اڳ جيان ڪو فيصلو ڪيوته وزيراعظم شهباز شريف ڪٿي به نظر نه ايندو. حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستنا پاران غير منصفاڻين تڪبندين ۽ شفاف ووٽر لسٽن لاءِ پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ۾ ڊپٽي ڪنوينر وسيم اختر، ايم اين اي صابر قائمخاني، ايم اين اي صلاح الدين ۽ ايم پي ايز سميت ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. وسيم اختر چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ لوڪل ٽيڪس جي مد ۾ پئسا ڪٿي خرچ ٿين ٿا ان لاءِ کين جواب ڏنو وڃي. ڇا لاڙڪاڻو، سيوهڻ ۽ دادو ٺيڪ آهن. اسان 7 ووٽ ان لاءِ ڏنا ته اوهان شهري علائقن لاءِ سوچيندا پر ڪجهه به نه سوچيو ويو. اسان جي ڪري ئي پيپلزپارٽي جا 10 وفاقي وزير وزارتن جا مزا پيا ماڻين جڏهن ته سندن اسپيڪر به اسان جي ڪري ئي مقرر ٿيو آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ تڪبندين وارو معاملو هڪڙي رات ۾ حل ٿي ويو پر نشاندهي باوجود اتي اڃا تائين معاملو حل ناهي ٿيو ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته جيڪڏهن شفاف اليڪشن ٿي ته سندن ميئر ۽ ڊپٽي ميئر نه ايندا ان لاءِ هو سندن احتجاج جو ڪو تدارڪ نٿا ڪن. هن چيو ته آصف زرداري بابت مشهور آهي ته جيڪي واعدا ڪندو اهي پورا به ڪندو. پر زرداري صاحب اڃا تائين ڪو به واعدو پورو ناهي ڪيو. وسيم اختر چيو ته جيڪڏهن ساڻن ڪيل واعدا پورا نه ٿيا ته رابطا ڪميٽي وٽ آپشن موجود آهي جنهن ڪري شهباز شريف به ان ڳالهه کي سنجيدگي سان ڏسي ڇاڪاڻ ته هي اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. شهباز شريف اسان جي 7 ووٽن سان وزيراعظم ٿيو. ايئن نه ٿئي جو وري ڪو فيصلو ٿئي. جيڪڏهن فيصلو ٿيو ته هو ڪٿي به نظر نه ايندو. وسيم اختر چيو ته اليڪشن کان اسان نٿا ڀڄون. ڀلي سڀاڻي چونڊون ڪرايون وڃن پر اسان بلدياتي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ وياسين جنهن تي سنڌ حڪومت عمل نه ڪيو. هن چيو ته عمران خان به ساڻن جيڪي معاهدا ڪيا پر اهي پورا ته نه ٿيا. پي ٽي آءِ سندن 14 سيٽون ڪراچي جون به چوري ڪري وئي. هن چيو ته اسان به پي ٽي آءِ کي 7 سيٽون ڏئي ساڻن حڪومت ۾ اتحاد ڪيو پر انهن اقتدار جي ساڍا ٽن سالن واري عرصي دوران حيدرآباد ۽ ڪراچي لاءِ هڪ منصوبو به نه ڏنو. هن چيو ته مهاجرن جو ڪو مسئلو ناهي ٻڌو ويو. اسان جون آفيسون بند آهن. ڪيترائي ماڻهو مسنگ پرسنز ۽ ڪجهه جيلن ۾ قيد آهن جيڪي سمورا معاملا حل ڪرڻ لاءِ عمران خان به ساڻن واعدا ڪيا پر ڪو هڪ واعدو نه پاڙي سگهيو. هن چيو ته حيدرآباد ايم ڪيو ايم جو تاج آهي ان لاءِ کيس خوشي ٿيندي آهي ته احتجاج هجي يا ڪو ٻيو موقعو پر ماڻهن جو وڏو انگ ساڻن گڏ بيٺل هجي ٿو. رڳو افسوس ان ڳالهه جو آهي ته کين مسئلن جي حل لاءِ بار بار احتجاج ڪرڻو ٿو پوي. هن چيو ته ٻيهر هو انهن ماڻهن جي لولي پاپ ۽ واعدن ۾ نه ايندا جيڪڏهن کين اپوزيشن ۾ ويهڻو پيو ته هو ويهي رهندا ڇاڪاڻ ته جن کي هو اقتدار ۾ وٺي آيا اهي مزي سان پيا گهمن ۽ هي انهن کي درخواستون پيا ڪن پر هاڻي کين مزا ماڻڻ نه ڏيندا ۽ هو فيصلا ڪندا.