ابوظهبي: آرمي چيف جنرل عاصم منير ابوظهبي ۾ گڏيل عرب رياستن ( يو اي ايِ ) جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ دفاع ۽ فوجي معاملن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف گڏيل عرب رياستن جي دوري تي ابوظهبي پهتو، اماراتي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان آرمي چيف کي پاڪ فوج جو سپهه سالار بڻجڻ تي واڌيون ڏنيو ۽ فرضن جي ادائيگي ۾ ڪاميابي تي خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ عسڪري سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان حوالي سان گڏيل حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل عرب رياستن جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ۽ نائب وزيراعظم سميت اهم شخصيتون پڻ موجود هيون. آرمي چيف عاصم منير اڄ يو اي ايِ جي وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو.