ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري ڪرائڻ جون تياريون تيز، ماڻهن ۽ گهرن جي ڳڻپ لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ وارو شرط به ختم ڪيو ويو، ان ڏس ۾ شماريات کاتي پاران آدمشماري ۽ گهر شماري لاءِ استادن جي تربيت شروع ڪرائي وئي آهي، پنهنجي اخبار وفاقي شماريات کاتي جو ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ وارو تربيتي هدايت نامو هٿ ڪري ورتو، تربيتي هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن سميت موجود هر شخص کي ڳڻيو ويندو، تربيت حاصل ڪندڙ استادن کي ڪنهن کان به قومي سڃاڻپ ڪارڊ نه گهرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سنڌ جي ساڃاهه وندن ڪراچي ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، هنن جو چوڻ آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط تي خاتمي بعد ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري جو ريڪارڊ چيڪ ڪرڻ يا ان کي چيلنج ڪرڻ ممڪن نه رهندو، ڊجيٽل آدمشماري دوران پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي  ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻ جا سنڌ تي خوفناڪ اثر پوندا.