وارهه (ن پ ا) وارهه ڀرسان ڳوٺ محمد کٽياڻ ۾ ڏنڊا بردار جوابدارن حملو ڪري نوجوان صحافي گلشن علي کٽياڻ، سندس والد عبدالستار کٽياڻ ۽ عبدالغفار کٽياڻ سميت 4 ڄڻن کي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا، جن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان موقعي تي صحافي گلشن کٽياڻ ٻڌايو ته ڪجھه ڏينهن اڳ ڳوٺ ۾ رستو ٺاهي رهيا هئاسي ته بااثرن اعتراض ڪري رستي جو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو هو، اڄ جوابدارن اسان تي حملو ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.