صدرجي ڀٽيون ( ن پ ا) صدرجي ڀٽيون لڳ ڳوٺ حيات اڄڻ جي نوجوان بشير اڄڻ کي ڪهاڙي هڻي زخمي ڪيو ويو ،جنهن کي وارث پيرجوڳوٺ اسپتال کڻائي پهتا. ان ڏس ۾ زخمي بشير اڄڻ ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ برادري جي ماڻهن جي ڪتن اسان جي ڳئون کي ڏاڙهي ماري ڇڏيو هو، ان تان مسئلو هلندڙ آهي، سفر اڄڻ نامعلوم ماڻهو ساڻ ڪري ڪهاڙي هڻي زخمي ڪيو، زخمي نوجوان جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.