شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ جي بگو روڊ تي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان 2 دڪانن کي باھ لڳي وئي، باھ سبب دڪانن ۾ پيل لکين رپين جو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، ان حوالي سان دڪاندارن اجيت ڪمار ۽ روشن بوجاڻي ٻڌايو ته باهه لڳڻ ڪري 5 لک رپين جي ماليت جو سامان سڙي ويو آهي، ھوڏانھن اطلاع تي فائر برگيڊ گاڏي پهچي باهه تي ضابطو آندو.