وارھ (ن پ ا) وارهه ٽائون جي چونڊيل ڪائونسلر جي يو آءِ اڳواڻ مولوي محمد صديق مڱڻيجو اسپتال ۾ موجود مريضن کي علاج نه ملڻ تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته لکين رپين جي بجيٽ باوجود اسپتال ۾ ڪا به سهولت ناهي، هن چيو ته پٽ کي علاج لاءِ کڻي آيو آھيان ته اسپتال ۾ اسپريٽ، ڪپهه توڙي ڪا سيرپ يا گوري  به ناهي، دوا ڏيڻ بجاءِ پرچي ڏني وئي آھي ته ٻاهران دوا خريد ڪري اچو. هن الزام هنيو  ته اسپتال ۾ ايندڙ بجيٽ عملدار ڳڙڪائي وڃن ٿا، جنريٽر بند پيل آھي تيل جا پئسا به عملدار کائي وڃن ٿا، مريضن کي سخت گرمي ۾ هٿ جا پکا لڳائڻ تي مجبور آھيون. جي يو آءِ اڳواڻ اعلان ڪيو ته  اسپتال ۾ مريضن جي سهولت لاءِ بلب ۽ پکا خريد ڪرڻ لاءِ هو شھر مان چندو گڏ ڪندا.