لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي مان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي مسلسل شديد کوٽ کان پوءِ گذريل ڏينهن اوچتو پاڻي جي وهڪري ۾ تيزي اچي وئي جنهن سبب لاڙڪاڻي سميت ڀرپاسي جي علائقن مان رائيس ڪئنال ۾ وهنجارڻ لاءِ لٿل مينهون تيز وهڪري جي ور چڙهي ويون، مهينن کي بچائڻ لاءِ مالوند ڌنارن پاران پنهنجي مدد پاڻ ڪوشش ڪئي پر ضلعي انتظاميه طرفان ڪو تحرڪ نه ورتو، پنهنجي مدد پاڻ مينهن کي رائيس ڪئنال مان ٻاهر ڪڍيو ويو.ٻئي طرف ڪمشنر لاڙڪاڻو رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ تي 144 قلم لاڳو ڪيو ويو هو، جنهن تي ضلعي انتظاميه عمل ناهي ڪرائي سگهي.