اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته فوج ۽  عدليه کي سياست ۾ گهلڻ بند ڪيو، هڪ سئو انڊا ۽ هڪ سئو ڇـِتَر هاڻي عمران صاحب جو مقدر آهن،  پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ادارن کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ ادارن جا ٺيڪيدار بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪن، اقتدار ۾ واپسيءَ لاءِ هنن کي اسٽيبلشمينٽ ۽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ واري راند کيڏڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته نواز شريف ۽ نون ليگ جو بيانيو آئين وارو بيانيو آهي ۽ اهو رهندو.