اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته موجوده 2 رڪني بينچ پنهنجي سوچ ظاهر ڪري چڪي آهي، اسان اهو نٿا چئون ته موجوده جج اسانجو ڪيس نه ٻڌن، فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته چيف جسٽس کي احترام سان گذارش آهي ته ڪيس نه ٻڌي، فل ڪورٽ جوڙي وڃي، پارٽي قيادت جو فيصلو آهي ته اڄ ان لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين، هن چيو ته عدالتي فيصلي تحت هڪ پارٽي سربراهه جي هدايت تي اسانجا 25 ووٽ ڪڍيا ويا، هڪ ٻئي پارٽي سربراهه جي هدايت تي 10 ووٽ نڪري ويا، رانا ثناءُ الله چيو ته پرويز خٽڪ اسانجي هڪ سينيئر اڳواڻ سان ملاقات لاءِ رابطو ڪيو، خٽڪ سان اسانجي سينيئر اڳاوڻ جي ملاقات نه ٿي،