ڪراچي (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص بينچ پاران ئي  ڪيس ٻڌڻ عدليا جي غيرجانبداري لاءِ نقصاڪار آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي جسٽس ر مقبول باقر چيو ته سپريم ڪورٽ صرف چيف جسٽس جو نالو نه آهي، آرٽيڪل 63 اي بابت  معاملي تي فل ڪورٽ ٺهڻ گهرجي، هي حساس آئيني معاملا آهن، فل ڪورٽ ان جو بهترين حل آهي. هن چيو ته آئين کي ري رائيٽ ڪرڻ جي تباهڪاري شروع ٿي چڪي آهي، مخصوص ججن جو هر معاملي تي بينچ عدليا لاءِ تباهه ڪندڙ آهي، جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته آئين جي آرٽيڪل 63 اي تي نظرثاني ۽ لاڳاپيل ڪيس فل ڪورٽ گڏائي ٻڌي، پاڪستان هڪ حساس ۽ خطرناڪ موڙ تي بيٺل آهي.