ملير: صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ چيو  آهي ته هر پولنگ اسٽيشن تي 8 کان 10 پوليس اهلڪار مقرر هوندا، پرزائيڊنگ آفيسرن، فوج ۽ رينجرز کي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويا آهن،ڪنهن کي به سرڪاري مشنري استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، هٿيارن جي نمائش ۽ هوائي فائرنگ تي پابندي آهي،خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ملير اليڪشن آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪنهن به  وي آءِ پي کي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي، جيڪڏهن ڪو وزير يا ايم پي اي ووٽر آهي ته ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون مقرر وقت شيڊول موجب 23 آڪٽوبر تي ٿينديون، مڪاني چونڊن جي ڏينهن ڪرڪيٽ ميچ جو شيڊيول بعد ۾ آيو آهي.