ڪراچي(نمائندن وٽان) ملير ۽ ڪورنگي سميت ملڪ جي قومي اسيمبلي جي 8 تڪن تي اڄ ننڍي چونڊ ٿيندي، پي ٽي آءِ  چيئرمين عمران خان جي 7 تڪن تان چونڊ وڙهڻ سبب سڄي ملڪ جون نظرون اڄوڪين چونڊن تي کتل آهن، جڏهن ته ملتان واري اڪيلي سيٽ تي پ پ جي علي گيلاني ۽ پي ٽي آءِ جي شهر بانو قريشي ۾ دوبدو مقابلو ٿيندو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي ڪورنگي واري تڪ اين اي 239 تي  پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو مقابلو  پ پ اميدوار سيد عمران حيدر زيدي ۽ ايم ڪيو ايم جي نيئر رضا سان ٿيندو، انهي تڪ تي ٽوٽل 330 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن جن مان 57 کي حساس ۽ 257 کي انتھائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، تڪ ۾ 340 پرزائيڊنگ آفيسر، 1360 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ 1360 پوليس آفيسرز ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا، انهي تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جو تعداد 529822 آهي، هوڏانهن ملير جي قومي تڪ اين اي 237 تي پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان ۽ پ پ اميدوار عبدالحڪيم بلوچ سميت 11 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهي، اصل مقابلو عمران خان ۽ حڪيم بلوچ ۾ ٿيندو، تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 294699  آهي، جن لاءِ 194 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، انهن مان 82 پولنگن کي حساس ۽ 112 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، تڪ ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ 2958 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، ملير  جي  3 سب ڊويزنن ايئرپورٽ ، ابراهيم حيدري ۽ مراد ميمڻ تي ٻڌل  هي تڪ پي ٽي آءِ  ايم اين اي ڪيپٽن (ر) جميل احمد جي استعيفا سبب خالي ٿيو هو، گذريل چونڊن ۾ پي ٽي آءِ اميدوار جميل خان پ پ جي عبدالحڪيم بلوچ کي 1373 ووٽن تان شڪست ڏني،هئي، جميل خان 33280 ۽ عبدالحڪيم بلوچ 31907 ووٽ حاصل ڪيا هئا.