حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هٽڙي واري علائقي ۾ هڪ ڏينهن اڳ اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي جنهن بعد پوليس نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته 25 سالن جو سلطان پٽ ڦل ماڇي گهمن آباد واري علائقي جو رهواسي آهي جيڪو هڪ ڏينهن اڳ مزدوري سانگي هٽڙي واري علائقي ۾ آيل هو ۽ اسريٰ يونيورسٽي روڊ تي اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ روڊ ڪراس ڪرڻ دوران ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿيو هو.