پنگريو (ن پ ا) پنگريو پوليس جي حد ڳوٺ ٺارو خان رند ۾ 3 ڏينهن اڳ قتل ٿيل ٽائون ملازمن غلام مصطفيٰ رند جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار نورو احمداڻي ۽ حاڪم علي رند کي پنگريو پوليس گرفتار ڪري ورتو. جڏھن ته ڪيس جو مک جوابدار پريل رند اڳ ئي گرفتار ٿيل آھي. واضح رھي ته 3 ڏينھن اڳ ڳوٺ ٺارو خان رند ۾ پراڻي زميني تڪرار تان جوابدارن فائرنگ ڪري 40 سالن جي غلام مصطفيٰ رند کي قتل ڪري ڇڏيو هو، معاملي جو ڪيس 5 جوابدارن خلاف داخل ٿيل آهي.