ڪڪڙ (ن پ ا)ڪڪڙ ۾ حادثي ۾ فوت ماءُ پٽ سميت 3 فوتين جي تدفين ڪئي وئي، جنازا کڻن دوران ماحول سوڳوار ٿي ويو. ان ڏس ۾ 2 ڏينھن اڳ ڳوٺ کاٿري واسي ڳورھاري عورت مسمات جميلان زال انصاف سولنگي سندس 3 ورھين جو پٽ سلطان ۽ 12ورھين جو ڀائٽيو ڪاشف سميت 3 ڄڻن فوتين جي گڏيل طور جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. 3 جنازا ھڪ ئي وقت کڻن دوران وارثن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو. ڳوٺ جي ڀرسان محمد شاھ قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. فوتين جي تڏي تي اڃا تائين ڪوبه چونڊيل نمائندو توڙي ڪامورا وارثن سان ھمدردي توڙي تعزيت ڪرڻ لاءِ نه پھتا آھن. ڳوٺ لعل بخش خاصخيلي وٽ نامعلوم گاڏي ڳوٺ کاٿري واسي موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر ھڻي ٽن ڄڻن کي ڇيپاٽي ماري ڇڏيو هو، حادثي بعد ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿي ويو ھو. فوتين جي وارث الھه رکيو سولنگي ۽ ٻين چيو ته ٻه ڏينھن اڳ روڊ حادثي ۾ 4 انسانيون جانيون ضايع ٿي چڪيون ھيون پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حادثي کي 2 ڏينھن گذري چڪا آھن اڃا تائين پوليس طرفان 24ڪلاڪن اندر فرار ٿيل گاڏي ۽ ڊرائيور کي ھٿ ڪرڻ جي ڪيل واعدي تي عمل نه ڪيو آھي نه گاڏي ھٿ آئي آھي ۽ نه ئي ڊرائيور جو پتو پئجي سگھيو آھي. جيڪا پوليس جي نااھلي جو چٽو ثبوت آهي. اسين مطالبو ڪيون ٿا ته فرار ٿيل گاڏي ۽ ڊرائيور کي ھٿ ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.