لکي غلام شاهه (ن پ ا) لکي غلام شاهه لڳ جي ڊي اي ايم پي اي جي ديرن کي لڳل باهه وارو مامرو، عدالتي حڪم تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم. خبر موجب سيشن جج شڪارپور جي عدالت ۾ ڳوٺاڻي محمد علي مهر جي درخواست تي داخل ڪيل درخواست تي عدالت لکي غلام شاهه پوليس کي حڪم ڪيو آھي ته ايم پي اي شھريار مهر جي 90 جريب زمين جي ديرن کي لڳل باهه جو جاگيراڻي برادري جي11 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، درخواست ۾ مولابخش، منظور حسين، نادر علي، بشير احمد، خادم حسين ۽ ٻين کي ذميوار ڄاڻايو ويو آھي، ٻئي طرف لکي غلام شاهه پوليس جو چوڻ آھي ته عدالتي حڪمنامو اڃا ناهي مليو، واضع رهي ته شهريار مهر ۽ جاگيراڻي برادري جي خادم حسين واري ڌر وچ ۾ زمين جي مالڪي تان ڪافي عرصي کان ڇڪتان هلندڙ آھي.