ٽنڊوڄام (ن پ ا)  صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرنزاٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڏو چيلنج مهانگائي آهي نه ئي چونڊون ۽ پاڪستان کي ڏسڻو آهي، فقط مهانگائي کي ڪهڙي طرح منهن ڏنو وڃي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي تاريخي نااهلي جي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي، پي ٽي آءِ، آئي ايم ايف سان بنا ڪنهن پلان وعدا ڪيا ۽ ان کان ڦري وئي، هتي سندس  يوٽرن ڪم نه آيو، صوبائي وزير شرجيل انعام رهائشگاهه راول هائوس ٽنڊو ڄام  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽن سالن دوران سيڪريٽري فنانس ۽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر  کي بار بار تبديل ڪيو ويو،  جيڪڏهن نوان ٽيڪس لاڳو ئي ڪراڻا هئا ته پي ٽي آءِ حڪومت ڇو نه لڳايا ڇاڪاڻ ته کين ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو ته اهي وڃي رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ حڪومت جوابده آهي ۽ جيترو شين کي بهتر ڪري سگهي ٿي ڪري رهي آهي ۽ ماڻهن کي رليف مهيا ڪري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران صوبائي وزير خوراڪ کي ڪڻڪ جي جلد خريداري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان سوچي سمجهي  سازش تحت ملڪ کي انتشار طرف ڌڪي رهيو آهي ۽ هاڻي هو ناڪام ٿي چڪو آهي ته وري هو ڪنهن ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ کيس ڀارت ۽ اسرائيل مان عمران خان کي فنڊنگ ملڻ جي ڪجهه وقت اڳ تصديق ٿي چڪي آهي.هن چيو ته آدمشماري صاف ۽ شفاف هجڻ گهرجي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي.