لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ سيزن _8 جي ميچ ۾ لاهور قلندرز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 17 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪوئيٽاجي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. لاهور قلندرز 20 اوورن ۾ 148 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. 149 رنسن جي ٽارگيٽ پويان ويندي ڪوئيٽا جي ٽيم 7 وڪيٽن تي 131 رنسون ٺاهي سگهي. لاهور پاران سڪندر رضا سڀ کان وڌيڪ 71 رنسون ٺاهيون. ڪوئيٽا جي بالرن ۾ نوين الحق ۽ محمد نواز 2_2، نسيم شاهه، اوڊين سمٿ، عميد آصف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ڪوئيٽا پاران ول سميڊ سڀ کان وڌيڪ 32 رنسون ٺاهيون، ڪپتان سرفراز احمد 21 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. لاهور جي حارث رئوف 3، راشد خان 2 ۽ ڊويڊ ويز هڪ وڪيٽ ورتي. سڪندر رضا کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.