حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ريڊيو پاڪستان کي خانگائڻ ۽ ان جي زمين توڙي اثاثا وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سينيٽ اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي سب ڪاميٽي جو اجلاس 6 مارچ تي منجهند جو طلب ڪيو ويو آهي. اهو اجلاس سينيٽر عرفان الحق صديقي جي سربراهي ۾ ٿيندو، جيڪو سب ڪاميٽي جو ڪنوينر آهي، جڏهن ته سينيٽر فوزيه ارشد، سينيٽر سيد وقار مهدي ۽ اطلاعات کاتي جو وفاقي وزير ان جا ميمبر آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران سينيٽ اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي سب ڪاميٽي جي اجلاس جو لاڳاپيل ڪنوينر ۽ ميمبرن کي نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ريڊيو پاڪستان سخت مالي بحران جو شڪار آهي. ان جا ملازم پگهارن ۽ پينشن جي حوالي سان پريشان آهن. ان کان اڳ لائيو پروگرامن جو وقت گهٽائڻ جون به هدايتون جاري ڪيون ويون هيون ۽ هاڻي سرڪار ريڊيو پاڪستان کي خانگائڻ ۽ ان جا اثاثا توڙي زمين وڪرو ڪرڻ بابت حڪمت عملي جوڙي رهي آهي.