ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪار تي فائرنگ، سون جو واپاري ٽارگيٽ بڻائي قتل، ان ڏس ۾ جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي جي حد ۾ ڪشمير روڊ تي ڪشمير ڪامپليڪس وٽ هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار سون جي واپاري 42 ورهين جو عامر پٽ هارون اسماعيل ٿڏي تي دم ڏنو، پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان ٽرپل ٽو رائفل جا 3 خول مليا آهن، مختلف رخن کان جاچ ڪريون پيا