ھمايون شريف (ن پ ا) صحت کاتي جي نااهلي سبب يوسي جهان واھ جي ڳوٺ سهراب خان ڪاڪيپوٽو ۾ ارڙي سبب 3سالن جي معصوم صائمه ڌي صدام ڪاڪيپوٽو فوت ٿي وئي، هفتو اڳ معصوم ليلا ڌي الله ڏنو ڪاڪيپوٽو، اميدان ڌي ادم ڪاڪيپوٽو، زينت ڌي بابو ڪاڪيپوٽو، ريشما ڌي عبدالله ڪاڪيپوٽو فوت ٿي ويا ھئا، هن وقت همايون شريف ۽ ڀرپاسي ۾ معصوم ٻارڙن سوڌو فوتين جو انگ 11 ٿي ويو پر صحت کاتي جي ٽيم نه پهتي.