داد لغاري (ن پ ا) وڏيري پاران گاڏي چڙهائي نوجوان کي معذور بڻائڻ وارو مامرو، وڏيري مٿان ڪيس داخل واري حڪم بعد ميڙ منٿ ڪافلو متاثر جي گهر پهتو، وڏيري جي وڏي ڀاءُ عمر خان مهر ۽ مهر ويلفيئر اڳواڻ رضا محمد مهر جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ ڪافلو نوجوان جي گهر پهتو، ميڙ ۾ ايندڙ ماڻهن معذور بڻيل نوجوان ۽ سندس وارثن کي منٿون ڪيو ته غلطي ٿي آهي معافي ڏني وڃي، گاڏي جي ٽڪر ۾ معذر بڻيل نوجوان ۽ سندس ڀاءُ سخيرو مهر ميڙ منٿ کي مان ڏيندي کيس معاف ڪري ڇڏي، عمر خان مهر جو چوڻ آهي ته اسان سڀ پاڻ ۾ آهيون غلطي آهي يا غلط فهمي مامري جي صلح ڪرائي آهي، معذور بڻيل نوجوان جو علاج پنهنجي خرچ تي ڪرائيندس، جڏهن ته متاثر جي ڀاءُ سخيرو مهر چيو ته اسان آيل ميڙ کي مان ڏيندي صلح ڪئي آهي، ڀاءُ کي ڄنگهه جي آپريشن لاءِ کڻائي وڃي رهيا آهيون. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي لکڻ سبب وڏيرو حاجي مهر مڇرجي نوجوان مٿان گاڏي چڙهائي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي هئي، جنهن جي خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ايس يس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺندي کينجهو پوليس وڏيري مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.