ڪنري (ن پ ا) پيءُ پاران چماٽ ھڻڻ تان معصوم نينگر زھريلي دوا پي ڇڏي، جوڻيجو موري جي ڳوٺ آصف گِل ۾ 13 سالن جي نھال ولد رامجي ڪولھي پيءُ پاران معمولي ڳالهه تان چماٽ ھنئي، جنھن تان پيءُ کان ناراض ٿي گھر اندر پيل دوا پي ڇڏي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.