اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اي سي سي جو اجلاس ناڻي وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾  بجلي جي وفاقي وزير خرم دستگير خان، اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان  عباسي، پيٽروليم جي مملڪتي وزير مصدق ملڪ ، اقتصادي مامرن بابت وزير اعظم جي ڪوآڊينٽر بلال ڪياني ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ هڪ آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين بين الاقوامي ادائگين کي پورو ڪرڻ لاءِ پي ايس او کي رقم جي فراهمي لاءِ پيٽروليم وزارت جي سمري تي غور ڪيو ويو، اي سي سي کي ٻڌايو ويو ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب پيٽروليم مصنوعات جي خريداري لاڳت ۾ اضافو ٿيو، اي سي سي پي ايس او کي ڊفالٽ کان بچائڻ لاءِ ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني آھي جنهن تحت بجلي وزارت پهرين آگسٽ تي پي ايس او کي 20 ارب ۽ 14 آگسٽ تي 12.8 ارب ادا ڪندي، اي سي سي ايف بي آر کان هڪ هفتي ۾ 30 ارب جي ٽيڪس وصولين جون تجويزون طلب ڪري ورتيون آھن.