پشاور (م ڊ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان الزام هنيو آهي ته وچ اوڀر جي هڪ ملڪ سي پيڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ عمران خان کي اسپانسر ڪيو، سندس حڪومت نه هٽايون  ها ته ملڪ ٽڪرار ٿي وڃي ها. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان گوادر بندرگاهه جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، ملڪي معيشت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، آمريڪا ۽ آءِ ايم ايف جي اثر مان نڪرڻ لاءِ پهريون قدم سي پيڪ هو. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت نه وڃي ها ته اڄ پاڪستان جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃن ها، موجوده حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ جي فيصلي ۾ نواز شريف شامل هو، پي ڊي ايم ۾ هڪ راءِ هئي ته اسيمبلين اندر تبديلي نه آندي ويندي، تحريڪ ذريعي عوامي دٻاءُ وڌايو وڃي ۽ اسيمبلي اندران پنهنجي طاقت ٻاهر آڻي نئين چونڊن لاءِ حالتن جو دٻاءُ وڌايو وڃي، جيڪا هڪ راءِ هئي ۽ موجوده حڪومت ۾ اچڻ بعد جڏهن پي ڊي ايم جو پهريون اجلاس ٿيو ته نوازشريف ان راءِ جو ذڪر ڪيو، جڏهن اجلاس جو آخري فيصلو آئون جاري ڪري رهيو هيس ته ان وقت ان جا آخري لفظ طئي ڪرڻ لاءِ نوازشريف زوم ميٽنگ ۾ موجود هو، سندس اتفاق راءِ سان اهو بيان تيار ٿيو، جنهن ۾ حڪومت مدو پورو ڪرڻ ۽ اليڪشن وقت تي ڪرائڻ جو فيصلو لکيل هو. هن چيو ته عمران خان اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو آهي، جنهن مان نڪرڻ سولو ناهي، آئون تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جا اهڙا بيان سامهون آڻي سگهان ٿو، جنهن ۾ هنن چيو هو ته اسان پنهنجو ملڪ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي، جيڪي هنن جون ڳالهيون هيون پر آئون چوان ٿو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت ختم نه ڪريون ها ته ملڪ ٽڪرا ٿي وڃي ها. هن چيو ته سي پيڪ صرف هڪ روڊ جو نالو ناهي پر اهو ترقي جو هڪ مڪمل پيڪيج آهي، جنهن ۾ روڊ، بجلي، ريلوي لائين ۽ ٻيا ترقي جا شعبا شامل آهن، ڪي پي ڪي صوبي جي ٽرانسميشن لائينن ۾ صرف 1700 ميگاواٽ بجلي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت آهي ته جيڪڏهن نوان صنعتي علائقا بڻائڻا آهن ۽ معاشي حب ٺاهڻا آهن ته ان لاءِ بجلي ۽ گيس جي ضرورت پوندي، ان لاءِ سي پيڪ ۾ بجلي ۽ گيس جو منصوبو به شامل آهي. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته قبائلي علائقن ۾ ماڻهو پنهنجي علائقي، سرزمين ۽ امن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻن ٿا پر مسئلو اهو آهي ته انهن کان هٿيار کيسا ويا آهن، علائقي ۾ هاڻ بندوق بردار ماڻهو آزاد آهن ته جڏهن ۽ جنهن علائقن تي چاهين حملو ڪري زندگين سان کيڏن، ان ۾ رياست جون ڪمزوريون آهن، بدنظمي پيدا ٿي آهي ته عام ماڻهو ان کان گهڻو پريشان آهي، جيڪو طاقتور آهي، ان کي عقل ڪونهي ۽ عقلمند وٽ وري طاقت ناهي، انڪري اسانجي رياستي ادارن ۽ اختيارين کي سوچڻو پوندو، عوام کي ملائي انهن جي راءِ وٺڻي پوندي، فضل الرحمان چيو ته اڱاري ۽ اربع تي حڪمران اتحاد جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ معاشي استحڪام جا فيصلا ٿيندا، پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيڻ ملڪ کي تباهه ڪرڻ برابر آهي.