هراري(اسپورٽس نيوز) هراري ٽيسٽ ۾ اظهرعلي ۽ عابد علي جون سينچريون، پاڪستان 4 وڪيٽن تي 268 رنسون ٺاهي ورتيون. تفصيل موجب ٻن مئچن تي ٻڌل سيريز جي ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ مئچ ۾ هراري اسپورٽس ڪلب جي گرائونڊ تي ڪپتان بابراعظم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.اوپنر عمران بٽ رڳو 2 رنسون ٺاهي جلد ئي آئوٽ ٿي ويو، سينئر بيٽسمين اظهر علي اوپنرعابد علي جو ڀرپور ساٿ ڏنو جڏهن ته ٻنهي رانديگرن وچ ۾ ٻئين وڪيٽ تي 236 رنسن جي ڀائيواري بڻي، اظهرعلي ڪيريئر جي 18 هين شاندار سينچري اسڪور ڪئي جڏهن ته عابد علي به پنهنجي ٽئين ٽيسٽ سينچري اسڪور ڪئي.اظهر علي 126 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڪپتان بابر اعظم لاڳيتو ٻئين ٽيسٽ ۾ به ناڪام رهيو ۽ رڳو 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو،پهرين ٽيسٽ جو سينچري ميڪر فواد عالم 5 رنسون ٺاهي سگهيو،عابد علي 118 ۽ ساجد خان هڪ رنس ٺاهي ڪريز تي موجود آهي. واضح رهي ته پاڪستان کي سيريز ۾ برتري حاصل آهي.