چئن کربن واري سنڌ!
تازو سپريم ڪورٽ ڪورونا وائرس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جيڪا رپورٽ پيش ڪئي هئي، انهيءَ ۾ سنڌ سرڪار ڄاڻايو آهي ته سنڌ صوبي تي چئن سالن دوران چار کرب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، تنهن تي چيف جسٽس صاحب چيو ته جي واقعي سنڌ تي چار کرب خرچ ڪيا ويا هجن ها ته هينئر سنڌ پئرس بڻجي چڪي هجي ها. هاڻي اچو ته چئن کربن واري سنڌ تي ٿوري نظر ڦرايون ته سنڌ وارا ڪهڙي ويڌن ۽ ڪهڙي ڪرب مان گذري رهيا آهن. چئن کربن واري سنڌ ۾ صحت وارو نظام ڪوس گهر بڻجي چڪو آهي، سرڪاري اسپتالن ۾ مسلسل دوائن ۽ (Rabies) ويڪسينن جي کوٽ هجڻ جي ڪري سنڌ جا ماڻهو تڙپي تڙپي ساهه ڏين ٿا، ڀلا (rabies) ويڪسين نه ملڻ ڪري نينگر جو ماءُ جي هنج ۾ تڙپي تڙپي دم ڏيڻ ڪنهن کان وسريو هوندو؟ سنڌ ۾ هر چئن ماڻهن مان ٽن کي هيپاٽائيٽس آهي، ان جي پڻ ويڪسين ۽ دوائون اڻلڀ بنيل آهن. چئن کربن واري سنڌ ۾ روڊن ۽ رستن جو اهڙو حال آهي جو اهي موت بڻجي چڪا آهن، روڊن تي سفر دوران گردا دل جي جاءِ تي ۽ دل گرن جي جاءِ تي اچيو ويندي آهي، حادثا معمول بڻجي چڪا آهن هر روز قيمتي زندگين جو نقصان ٿئي ٿو. چئن کربن واري سنڌ ۾ تعليمي نظام، سنڌ ۾ اسڪولن جو حال اهڙو ٿي ويو آهي ڄڻ اهي موئن جي دڙي جي باقيات هجن، ڪي زبون حال آهن ته ڪي عمارتن کان وانجھيل آهن، تازين رپورٽن موجب سنڌ ۾ اٽڪل 15 لک ٻار پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪن ٿا، اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، 60 کان 70 سيڪڙو سنڌ جا ٻار اسڪول ئي نٿا وڃن ۽ اها غير حاضري وڃي ٿي وڌندي، تنهنڪري سنڌ جو عوام پ پ پ حڪومت کان اهو پڇڻ جو حق ٿو رکي ته 4 کرب ڪٿي خرچ ڪيا ويا، ڇو ته هن سنڌ جا حال وڃن ٿا خراب ٿيندا، ماڻهو بيروزگاري ۽ بک سبب آپگھات پيا ڪن، ٿي سگهي توهان واقعي 5 کرب خرچ ڪيا هوندا پر هن (ڌرتي واري گولي جي) سنڌ تي نه متان مريخ واري سنڌ تي خرچ ڪيا هجن؟!
غلام الله گاڏهي/نصيرآباد
مارون ڇوڙيا مالڙا عصر جو اٿي!‎
ڪچي جا علائقا جتي گاھ ڦٽندا ھئا ۽ وڏا جھنگ ٻيلا ھوندا ھئا، اھي ھن وقت مڪمل ماڻھن جي قبضي هيٺ ھئڻ ڪري انھن ماڻھن زمينون ٺاھي ڇڏيون آھن، جتي مينھار، ٻڪرار ۽ ريڍار چوپائي مال جي چاري لاءِ چپن سان سيٽيون وڄائي مال کي جھنگ جي طرف سڏيندا ھئا، تڏھن جھنگ به گھاٽا ھوندا آھن، ماڻھو ماڻھن تان ڪو نه پوندا ھئا پر ڍور ڌنارن کي ۽ ڌنار ڍورن کي ڳوليو وڃي لڀندا ھئا، ڇاڪاڻ جو مالوند مارو ڌنارن ۽ چوپائي مال جي سڄي زندگي ٻنين ۽ جھنگ جھر سان جڙيل ھوندي آھي، سانوڻ ويلي ته بھارون لڳيون پيون ھونديون ھيون، گاھ به جام ڦٽندا ھئا، مال به خوش ھوندا ھئا، مال سان عشق رکندڙ ڳوٺاڻا ڌنار لياقت عالياڻي ۽ اسماعيل ٻگھيءَ جھڙا ڪيترائي ڌنار جھنگ ۾ موجود ڌنارن، ڪاٺيارن کي سڏ ڪري چانھيون به پياريندا ھئا پر بدقسمتيءَ سان ٻيلا اھي ٻيلا ناھن رھيا، جتي ڪٿي اڇا پٽ ۽ آباديون پوکن جي ڪري ھاڻي ڌنارن ۽ مالوند ماڻھو مال جي چاري لاءِ به پريشان آهن، اصل ۾ ٻيلا يا گھاٽا وڻ جيڪي نه فقط ماڻھن کي آسائش ۽ سڪون مھيا ڪن ٿا پر اھي وڻ ٽڻ طوفان ۽ زلزلن کان پڻ محفوظ رکن ٿا پر حڪومت ۽ خاص ڪري ٻيلي کاتي جي اعليٰ آفيسرن جي بيڌياني سب ڪچي ۾ ھاڻي ڪٿي به وڻ ڏسڻ ۾ نٿا اچن، ان ڪري وقت جي سرڪار کي گھرجي ته ھن طرف ڌيان ڏئي ٻيلن کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي ته جيئن نه فقط طوفانن ۽ زلزلن کان محفوظ رھي سگھجي پر پريشان بڻيل مالوند ماڻھن ۽ ڌرتي جي ڌنارن ۾ ختم ٿيل خوشيون پڻ ٻيھر موٽي اچن.
رياض امر ٻجورو/سجاول
ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ خاموش تماشائي بڻيل آفيسر!
هن سال ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ بعد شاھ پنجو، راڌڻ، ٿرڙي، محبت ۽ آسپاس جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ خوراڪ کاتي واپارين کي ناجائز ڪروڙين رپين جو نفعو پهچائڻ خاطر ڪڻڪ جي خريداري جا مرڪز تمام دير سان کوليا ته جيئن واپارين کي ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي مان ڪروڙين رپين جو فائدو پهچي، ڪڻڪ جو فصل لهڻ وقت خريداري مرڪز نه کلڻ سبب غريب هارين ۽ آبادگارن مجبور ٿي ڪڻڪ گهٽ اگهن تي واپارين کي وڪرو ڪري ڇڏي، جنهن ڪري کين فصل تي ڪيل محنت ۽ خرچ جو صحيح اجورو نه ملي سگهيو ۽ سندن مٿي تي هٿ اچي ويا آھن، ڪڻڪ مارڪيٽ مان نڪري واپارين جي ور چڙھي وئي آھي ۽ واپارين هارين کان من پسند اگهن تي ڪڻڪ خريد ڪري غيرقانوني طور پنهنجي سيلرن، ڀانڊن ۽ ٻين مخصوص هنڌن ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪري لڪائي رکي ڇڏي آھي. ڪيترن سيلر مالڪن ڇاپن کان بچڻ خاطر ڀانڊن ۾ اندر ڪڻڪ رکي ٻاهران وري چانورن جا ڪٽا رکي ڪڻڪ لڪائي ڇڏي آھي ته جيئن هو چند مهينن بعد وڏي نفعي سان ٻاهرين وڏن شھرن جي واپارين کي وڪرو ڪري ڪروڙين رپين جو ناجائز نفعو حاصل ڪري سگهن. واپارين کي سياستدانن جي آشيرواد حاصل هئڻ سبب هو ديده دليريءَ سان سري عام ذخيره اندوزي جي ڪڌي ۽ غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث آھن ۽ ذخيره اندوزي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا آھن، ان سلسلي ۾ ڊي سي دادو، ضلعي فوڊ ڪنٽرولر، اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ پڻ خاموش تماشائي بڻيل آھن، جڏھن ته ڪڻڪ جي خريداري مرڪز دير سان کلڻ ڪري سرڪاري خريداري مرڪز خريداريءَ جو ٽارگيٽ پڻ پورو نه ڪري سگهيا آھن، عوام چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آھي ته ته ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪري هن ڪڌي ڪاروبار کي بند ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ خوراڪ کاتي کان پڻ پڇاڻو ڪيو وڃي.
عببدالستار ميراڻي/ راڌڻ
ڪورٽن جا حڪم ۽ شرپسندي!‎
ڪجھ وقت ٿيو آهي جو معاشري ۾ ڪجھ خاميون پيدا ٿيون آهن، اسان جي معاشري ۾ ڪجھ اهڙا شرپسند ماڻهو پيدا ٿيندا آھن جيڪي قومن ۽ ذاتين ۾ نفرتون پيدا ڪندا آهن، ڪجھ شرپسند ڪورٽن جي حڪم جو ناجائز فائدو وٺندا آھن، ڪورٽن سان گڏوگڏ سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري ماڻھن سان ناجائزيون پڻ ڪندا آھن، هاڻي به ڪورٽن مان حڪم مليو آهي ته قبرستانن مٿان قبضا ختم ڪرايا وڃن، بلڪل قبضا ختم ٿيڻ گهرجن پر ان ۾ سياسي انجنيرنگ نه ٿيڻ گهرجي، قبرستانن جي آڙ ۾ انهن جي پوري زندگيءَ جي ڪمائي مان ٺھيل گهرن ۽ دڪانن کي مسمار ڪرڻ ڪهڙي ۾ مذهب ۾ جائز آھي؟ اوهان قبرستانن جي آڙ وٺي ڪنهن ذات پات، نسل کي نشانو بڻائڻ سان خدا ڪڏهن به راضي نه ٿيندو، اوهان کي انهيءَ شرپسندي جو حساب ڏيئڻو پوندو اهڙي سوچ کي هٿي نه ڏيو ان سان نفرتون وڌنڌيون نسل در نسل انهي اثر هونديو.
ابراهيم لنڊ/ڪلوئي ٿرپارڪر
ننڍي عمر ۾ ٿيندڙ شادين جا نقصان ۽ اثر!
ننڍي ۾ عمر ۾ ٿيندڙ شادي آبادي وڌڻ جو سبب بڻجندي آهي، ان سبب ڪري ڇوڪرين جي صحت کي به نقصان پهچي ٿو، جيڪا عمر راند کيڏڻ ۽ پڙهائي جي هوندي آهي ان عمر ۾ مائٽن پاران تڪڙي شادي ڪرڻ سان صحت کي نقصان پهچي ٿو، هڪ ڇوڪري کي ايتري کاڌ خوراڪ ناهي ڏني ويندي ڇو ته بيروزگاري اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻي آهي، جنهن ڪري ڇوڪري جي صحت جو خيال ناهي رکيو ويندو، ننڍي عمر ۾ ٿيندڙ پريگننسي سبب ڇوڪرين ۾ رت جي کوٽ ٿيندي آهي، جنهن ڪري سندن زندگي خطري ۾ پئجي ويندي آهي، اها ڪمزوري سندس جان به وٺي ڇڏيندي آهي، ننڍڙي عمر ۾ جنم وٺندڙ ٻار ڪمزور هوندا آهن، جن جي واڌ ويجھه ممڪن ناهي، جنهن ڪري مٿن بيمارين جو حملو ٿئي ٿو، ٻارن جي سنڀال جي تربيت ۽ خبر نه هجڻ ڪري ٻار نقصان ۾ ويندا آهن. 18 سالن جي عمر ۾ شادي ڪندڙ عورتون ڪافي مضبوط هونديون ۽ انهن جا ٻار بيمارين جي حملن کان محفوظ رهن ٿا. ان بابت سنڌ حڪومت پاران ننڍي عمر جي شادين کي روڪڻ لاءَ سنڌ چائلڊ ميرج ايڪٽ 2014ع پاس ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ننڍپڻ جون شاديون غيرقانوني آھن، صوبي ۾ ٻارن جي شادي روڪڻ جي قانون پاس ٿيڻ بعد 18 سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي شادي ڪرائڻ قانونن ڏوھ آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي ضروري آهي، نياڻين کي سندن حقن بابت آگاھي فراھم ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ننڍي عمر جي شادي سان ڇوڪرين ۽ ٻارن جي صحت جي خرابي کان سواءِ ڪيترائي سماجي مسئلا پڻ جنم وٺن ٿا، سنڌ حڪومت چائلڊ ميرج ايڪٽ  تحت ننڍي عمر جي ٻارن جون شاديون ڪرائيندڙ والدين، نڪاح خوان ۽ سهولتڪار لاءِ قيد ۽ ڏنڊ جي سزا پڻ مقرر ڪئي آهي پر اسان کي پاڻ سوچڻ گهرجي ته ننڍي عمر جي شادي ۾ مالي ۽ جاني نقصان جو به خدشو آهي.
شملائلا رند/ ٽنڊو محمد خان
ڇا روينيو کاتي وارا سڌرندا؟
ھونئن ته اسان جي ملڪ ۾ تقريبن سڀ سرڪاري ادارا ڪرپشن، بدانتظامي، سياسي مداخلت سبب تباهه لڳا پيا آھن ۽ ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ سڀني ادارن جو هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جو مقابلو هجي پر اڄ مان خاص طور ڳالھ ڪندس روينيو کاتي جي، جتي هر هڪ جي زمينن ۽ پلاٽن جا کاتا ۽ کاتن جي منتقلي، حصا پتي وغيره جا روزانون اڻ ڳڻيا ڪم هجن ٿا ۽ ان سلسلي ۾ روزانون ڪيترائي واقعا پيش اچن ٿا جو هتان جو عام ماڻھو روينيو کاتي جي ناجائزين خلاف هرهنڌ دانهون ڪندو ٿو رهي پر سندس دانهن ۽ تڪليفن جي داد رسي بلڪل به نٿي ٿئي، روينيو کاتي جي ڪرپشن، بدانتظامي کان ڪير واقف ناھي، سڀني کي خبر آھي ته هر هڪ جو زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن وقت تي روينيو کاتي جي لاڳاپيل عملدارن سان ضرور ڪو واسطو پيو هوندو ۽ سواءِ ڪنهن سياسي سفارش، رشوت جي ڪنهن جو به جائز ڪم نه ٿيو هوندو، اوهان جي پنهنجي زمين کپائڻ چاهيو ٿا ته ان جي فردي ڪڍرائڻ کان وٺي جيڪو خريد ڪندو ان جي رجسٽري ۽ داخلا تائين رڳو پئسو ۽ سفارش جي ضرورت پوي ٿي، روينيو جي ڪوٽار کان ويندي مختيارڪار، اي سي، اي ڊي سي ون، ٽو، ڊي سي، ڪمشنر کان بورڊ آف روينيو تائين هر جاءِ تي پئسو ئي پئسو ٿو ڪم اچي، بنا پئسي ۽ سياسي سفارش جي ڪو به ڪم نه ٿو ٿئي، ان لاءِ منهنجي ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو آھي ته خدارا ان روينيو کاتي جي ظلمن ۽ ناجائزين جو نوٽيس وٺي ان کاتي کي سڌاري عوام جو پراڻو مطالبو پورو ڪيو وڃي.
محمد خالد ميمڻ/ڦل
زندگي به هڪ جنگ آهي!
جنهن دور ۾ اسين رهون پيا ان کي جديد دور چيو وڃي ٿو، هن دور ۾ هڪ طرف دنيا ترقي ڪندي گلوبل بڻجي وئي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف اسان اڃا تائين به اونداهيءَ واري دور ۾ رهي رهيا آهيون. سنڌ سڄي ڏکيائين ۽ پريشانين جي ور چڙهيل آهي، جنهن وٽ دولت گهڻي آهي اهو اڃا تائين گھڻي دولت گڏ ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، جنهن غريب وٽ دولت صفا ناهي، اهو وري کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ پريشان آهي. ڪنهن وٽ ايتري دولت ڪونهي جو بيمار جي دوا ڪرائي، ڪنهن جا ڪتا به وري ڪارن ۾ ٿا گهمن. غريب، مسڪين ماڻهو صرف خواب ڏسندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سندن خواب اڌورا رهجي ويندا آهن، اهو ان ڪري جو ظالم ۽ جابر ماڻهو هر ڳالھ جي مارڪيٽ لڳائي ٿو ويهي، جنهن سبب غريب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪامياب ڏاڍو ڏکيائين سان ٿيندو آهي. هتي غريب ماڻهن کي کنگهيو به نه ويندو آهي، جنهن سبب اڪثر سندن زندگي ڏکيائين ۽ ڏکن سان وڙهندي وڙهندي گذري ويندي آهي، جتي ڀوتارڪو، سرمائيداراڻو ۽ سامراجي نظام هجي اتي زندگيءَ جا انيڪ خواب ڏسڻ به ڏوهه برابر هوندا آهن، جتي قوم غلاميءَ کي اوليت ڏئي ۽ آزادي کي ٺڪرائي ڇڏي، اتي زندگي ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي هوندي. جتي ظلم جي باھ ۾ هر غريب فرد بنا ڏوهه جي سڙندو ڀڄرندو رهي، اتي زندگي ڪنهن جهنم جي باھ کان گهٽ ناهي هوندي. هن دنيا ۾ اسان کي ڪوڙ ۽ دوکي جي ڄار ۾ ڦاسائي حقيقت کان تمام گهڻو پري رکيو ويندو آهي، پوءِ اسان جڏهن ان زندگيءَ جي حقيقت تائين جدوجهد ۽ محنت سان پهچون ٿا ته اها به هڪ وڏي جنگ هوندي آهي، ها! ظالمن، جابرن، وحشين ۽ جانورن سان ويڙهه ڪرڻ ۽ اڪيلي سر حق سچ تي قائم رهڻ به زندگي جي وڏي جنگ آهي.
سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول 
مهانگائيءَ تي ضابطو آڻيو!
راڻيپور ۾ عيد ويجھو ايندي ئي مھانگائي جو جن بي قابو ٿي ويو آھي، مھانگائيءَ ماڻھن جون متيون مجھائي ڇڏيون آھن، دڪاندارن عام واھپي جي شين جا ھٿرادو اگھ وڌائي ڇڏيا آهن، دڪانن تان ريٽ لسٽون گم آھن، فروٽ، سايون ڀاڄيون توڙي مشروب ۽ ٻين شين جا دڪاندارن ھٿراڌو اگھ وڌائي ڇڏيا آھن، گوشت، مڇي، ڪڪڙ جي گوشت جا اگھ آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن، منافعي خورن کي رمضان مھيني جو خيال به ناھي، پرائيز ڪنٽرول اٿارٽي به مھانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻيل آھي. پرائيز ڪنٽرول اٿارٽي آفيسن تائين محدود آھن ۽ عوام مھانگائي جي عذاب ڀوڳي رھيو آھي ۽ مھانگائيءَ جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آهي، راڻيپور ۾ قائم يوٽيلٽي اسٽور عوام کي لاڀ ناھي ڏئي سگھيو، اسٽور تي کنڊ، گيھ، چانور، داليون اڻلڀ آھن، مھانگائي سٽيل مسڪين دڪانن تي عام واھپي جي شين جا اگھ ٻڌي يوٽيلٽي اسٽور جو رخ ڪن ٿا، اسٽور انچارچ روزانو اھو چئي مسڪين کي واپس ٿو ڪري ته مٿان کان سامان گھٽ ٿو ملي، غريب واپس ٿي مجبورن ٻيڻ تي مھانگو راشن خريد ڪن ٿا. مھانگائي ايتري چوٽ چڙھيل آھي جو وچولي طبقو به ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آھي، اسان لاڳاپيل ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي وڌندڙ مھانگائي تي ضابطو آندو وڃي ته جيئن مسڪينن کي کي به هڪ ويلو مانيءَ جو سک سان نصيب ٿئي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
هڪ پڪي قيدي رحمت ڀٽيءَ کي صبح جو صفائي ڪندي ڏٺم، خبر پئي ته هُن رات سيڪيورٽي وارڊ نمبر 9 ۾ ڪنهن غريب قيديءَ سان لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي هئي، هي جانور ماڻهو ٻاهر ته ٺهيو پر جيل ۾ به نٿا سڌرن. ملاقات جي پرچي آئي، اسد تمام گھڻو فروٽ ۽ پئسا وغيره مون کي ڏئي ويو، هو اڄ روضي سان هيو، منهنجي اڄ طبيعت گھڻي خراب هئي پر پنهنجي ننڍي ڀاءُ جو ديدار ڪري آئون ڪجھه بهتر محسوس ڪرڻ لڳس. ملاقات روم مان نڪتس ته حالت وري خراب ٿي وئي، الٽي بيهي ئي نه پئي، شين پوش تراب پٺاڻ مون کي اسڪوٽر تي اسپتال وٺي ويو، دوا وغيره کائڻ کان پوءِ کوليءَ ۾ اچي آرام ڪيم، شام جو رشيد جمالي ملڻ آيو، مزمل ۽ رشيد ڏيٿي سندس چاڪري ڪئي، موسم به ڏاڍو پيارو ٿي ويو. آسمان تي کنوڻيون به کيچل ڪرڻ لڳيون، مٽيءَ جي خوشبو هر طرف سڳنڌ جيان پکڙجي وئي. اسان عبدالله شيخ جي هٿن جي چانهن پيتي پئي ته اوچتو برسات شروع ٿي وئي، زبردست رومانوي موسم ٿي ويو. اسان پکين بابت ڪچهري ويٺي ڪئي جيڪا هاڻ بدلجي دلبرن جي ڪچهري ٿي وئي، رشيد جمالي اڇي چڪر هليو ويو، هڪ ڪلاڪ مينهن پيو آهي، سمورو حيدرآباد تفريح ڪري رهيو هوندو پر اسان جو قيد خانون وڌيڪ سوڙو ٿي ويو آهي. هر هڪ قيدي خيالن جي ساگر ۾ ٻڏل آهي ۽ ڪيتريون ئي اکيون نه ڄاڻ ڪنهن ڪنهن کي ياد ڪري آليون ٿي ويون آهن. آئون پورو ڪلاڪ مينهن ۾ وهنجندو رهيس، هن موسم ۾ ڪنهن جي دل چوندي ته کوليءَ ۾ وڃي بند ٿجي! ٻاهر انڊلٺ هئي، ايڏي صاف ۽ سهڻي مون ڪڏهن به ناهي ڏٺي. بابا سائين چوندو آهي ته انڊلٺ امن جي علامت هوندي آهي ۽ ان جا رنگ بنيادي رنگ آهن، جن سان ڪائنات جا هزارين رنگ جڙيل آهن. رات جو دوست نانگن بلائن جي ڪچهري کولي ويٺا، مزمل بار بار کوليءَ جي ٻاهران ٻوٽن ڏانهن نهاريندو رهيو.
آصف غلام رسول ڇلگري/ سينٽر جيل حيدرآباد (18 اپريل 2021ع)
هڪ ٻي سازش ڄامشورو پوليس ناڪام بڻائي وئي!
ڄامشورو هوائن ۽ امن جي پکين جو ديس آهي، هي شهر تاريخي لحاظ کان وڏي اهميت وارو آهي، جتان جو عوام محبت ڪندڙ ۽ مهمان نواز آهي پر افسوس جو اهڙي پرامن شهر کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن، جتي ٻه ڏينهن اڳ ڄامشورو پوليس ۽ رينجرز سان گڏجي بروقت ڪارروائي ڪري سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر تي آپگھاتي حملي جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ ڪارروائيءَ دوران 5 دهشتگردن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو، جن سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر تي حملي جو منصوبو جوڙيو هو. هنن ريڪي پڻ ڪئي هئي، جڏهن ته جوابدارن ٽريننگ سينٽر جا فوٽيجز به تيار ڪري ورتا هئا، پريس ڪانفرنس ڪندي عمر شاهد ميڊيا کي ٻڌايو ته گرفتار دهشتگردن ۾ ٻه آپگھاتي بمبار به شامل آهن جن وٽان ٻه آپگھاتي جيڪيٽون ۽ سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر جو نقشو، موبائيل فونز، سي ڊيز، پوليس يونيفارم ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. هن اهو به چيو ته دهشتگرد افغانستان کان پاڪستان ۾ داخل ٿيا آهن، گرفتار دهشتگردن ۾ شيراز اڪبر عرف حمزه، لياقت علي عرف حذيفه، مير اويس عرف حشام، عامر خان ۽ نگار علي آپگھاتي بمبار آهن. رينجرز جي ڪرنل شبير پريس ڪانفرنس دوران چيو ته گرفتار دهشتگردن کان جاچ ۾ ڪجھه اهم ڳالهيون سامهون آيون آهن، جوابدار طورخم رستي پاڪستان ۾ داخل ٿيا. اهلڪارن جون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر پتو نٿو پوي ته اهي دهشتگرد سولائيءَ سان منهنجي جند جھڙي شهر ڄامشوري ۾ ڪيئن داخل ٿيا ۽ ڪنهن جي مدد حاصل ڪيائون اهو پتو لڳائڻ لازمي آهي جيئن شهر کي بچايو وڃي، ڇو ته سال پهريان به هڪ آپگھاتي منصوبو جوڙيو ويو هو، جنهن ۾ هڪ بهادر رڪشا ڊرائيور بروقت اطلاع ڏئي دهشتگرديءَ جي ان منصوبي کي ناڪام بڻايو هو. ان حملي ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ دوران شاگردن کي نشانو بڻايو وڃي ها، ان لاءِ ضروري آهي ته دهشتگردن جي مدد ڪندڙن کي ڳولي هٿ ڪيو وڃي جيئن نقصان کان بچي سگھجي.
سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد
اميرن ۽ غريبن لاءِ جدا جدا قانون!
(حصو پهريون)
حضرت عليءَ جو هڪ خوبصورت قول آهي ته “ڪفر جي حڪومت ته هلي سگھي ٿي پر ناانصافي جي ڪڏهن نٿي هلي سگھي.” اڄ جڏهن اسان دنيا تي نظر ڊوڙائينداسين ته اها ڳالهه واضح نظر ايندي ته يورپي ملڪ جن ۾ سمورن انسانن کي تحفظ حاصل آهي، جتي انساني حقن کي مٿانهون رکيو ٿو وڃي، انهن ملڪن ۾ جيڪڏهن ڪو ڌاريون انسان ان ملڪ ۾ رهندڙ شهريءَ هٿان ناانصافي ۽ حق تلفيءَ جو شڪار ٿئي ٿو ته ان کي اتان جو قانون پنهنجي پڪڙ ۾ آڻي ٿو. ڏٺو وڃي ته اڄ جيڪي يورپي ملڪ ترقيءَ ۾ اڳتي آهن انهن ملڪن ۾ انصاف عام آهي، جنهن ملڪ ۾ قانون ڪمزور جو تحفظ نٿو ڪري سگھي اهو ملڪ ڏڦيڙ ۽ لاقانونيت جو شڪار ٿي ٿو وڃي. اڄ ڦاهي گھاٽ ۾ چاچي اسحاق پنهور سان ڪچهري ٿي، مون جڏهن کيس دلاسو ڏيندي چيو ته “چاچا توکي 19 سال 10 مهينا ٿي ويا آهن، تون هاڻ رب ڪندو جلد آزاد ٿي ويندي.” ان تي هن وراڻيو ته “هن ملڪ ۾ انصاف طاقتور جي گھر جي لونڊي بڻيل آهي ۽ اسان غريب ۽ مظلوم قيدين لاءِ ايئن آهي جيئن ڪو غريب قانون جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿو ته ان جو انجام ان ڪمزور جيت وارو ٿيندو آهي جيڪو نوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاسڻ کان پوءِ ان جيت جو ٿيندو آهي. جيڪو تڙپي تڙپي پنهنجا پساهه پورا ڪندا آهي.” جڏهن مون چاچي جي ڳالهه تي غور ڪيو ته ان ۾ هڪ درد جي پيڙا سمايل ڀانيم. ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جنهن تي اسان جي ملڪ جو عدالتي نظام هلي ٿو، ان ۾ اهو واضح آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي عمر قيد جي سزا مليل آهي ته اپيل جو فيصلو 6 مهينن ۾ نٿو ٿئي ته ان جي ضمانت منظور ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن سزا ۽ موت جي قيدي جي اپيل جو فيصلو 2 سالن ۾ نٿو ٿئي ته ان قيدي کي به ضمانت ملي سگھي ٿي پر سوال اهو آهي ته هن قانون جو پورو پورو فائدو طاقتور ۽ پهچ رکندڙن کي ته ملي ٿو پر هڪ غريب ان حق محروم بڻيل آهي…(جاري)
اعجاز چانڊيو/ ڦاهي گھاٽ، سينٽرل جيل حيدرآباد