ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) جديد ٽيڪنالوجي ذريعي کاڌو ۽ دوا کڻي ويندڙ ڪيترائي ڊرون بڻايا ويا آهن پر اهي ڪافي مهانگا ۽ وزني هوندا آهن. پر هاڻي سوئزرلينڊ جي اي پي ايف ايل ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ هلڪو پهريون ڊرون ٺاهيو ويو آهي جنهن جون ٻانهون پچيل چانور خشڪ ڪري ٺاهيون ويون آهن. اهو ڊرون فوري طور تي بک ۾ پاهه شخص جي غذائي ضرورت پوري ڪري سگهي ٿو. ان کي سمنڊ ۾ ڦاٿل يا پهاڙن ۾ ڦاٿل شخص لاءِ تيار ڪري موڪلي سگهجي ٿو ته جئين مدد کان اڳ اهو زنده رهي سگهي. تجرباتي طور تي ڊرون ۾ جيڪو ڪيڪ استعمال ڪيو ويو اهو هڪ وقت جي کائڻ برابر آهي جيڪو غذائي کوٽ سبب مرندڙ ماڻهن کي ڪجهه سهارو ڏئي سگهي ٿو. طريقو ڪجهه ايئن آهي ته چانورن کي خشڪ ڪري ان کي ليزر سان ڪٽي ٻانهن جي شڪل ۾ وڌو ويو آهي. اهڙي ڊرون جو پهريون نمونو ڪُل 27 انچ آهي جنهن جو اڌ حصو کائڻ جي قابل آهي اهو ڊرون 10 ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان اُڏامي سگهي ٿو، ان کان علاوه اهو 80 گرام تائين وزن به کڻي سگهي ٿو جنهن ۾ پاڻي به رکي سگهجي ٿو.