ڪراچي(شوبز نيوز) اسٽيج، ڪيسٽ ۽ فلم انڊسٽريءَ جو سينيئر ڳائڻو ظفر رامي لاڏاڻو ڪري ويو. ظفر رامي جي فوتگيءَ جي تصديق هن جي گهر واريءَ طرفان ڪئي وئي آهي. ظفر رامي پنهنجي گلوڪاريءَ جي شروعات 1991ع ۾ ناليواري ۽ ليجنڊ ڳائڻي احمد رشدي جا گيت “ڪڀي تو تم ڪو ياد آئي گي” کان ڪيو ۽ ٻيو گيت “لال لال جورا“ گهڻو مقبول گيت آهي. 1994ع ۾ ظفر رامي پاڪستاني فلمن لاءِ پلي بيڪ گيت شروع ڪيا ايترو ئي نه ظفر رامي ڪافي مختلف ٽي وي شوز ۾ به پرفارم ڪيو.