اوهايو(انٽرسٽنگ نيوز) هڪ ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته هن دنيا جي سڀ کان ننڍي ٽي وي ماڊل ٺاهي آهي جيڪا ڪارڪردگي ۾ اصل ٽي وي جهڙي آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اها خريد به ڪري سگهجي ٿي. ٽائني سرڪٽ نالي ڪمپني دنيا جي سڀ کان ننڍي ٽي وي ٺاهڻ جي دعويٰ به ڪئي آهي. اها هڪ اوپن سورس اليڪٽرڪ هارڊ ويئر ڪمپني جن جا 2 ماڊل مشهور آهن، اها ٽي وي ڊاڪ ٽڪيٽ کان به ننڍي آهي پر هن کي پراڻي ماڊل جي طرز تي ٺاهيو ويو آهي. هرماڊل جي ٽي وي جي اسٽوريج 8 گيگا بائٽ آهي ۽ ان ۾ گول گهمندڙ بٽڻن سان آواز گهٽ يا وڌ ڪري سگهجي ٿو. سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه ته هن ٽي وي لاءِ ريموٽ ڪنٽرول به ٺاهيو ويو آهي، ان کي تار ذريعي ڪمپيوٽر سان جوڙي وڊيو ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿي. پهرين ماڊل جو نالو ٽائنٽي ٽي وي ٽو آهي جنهن جو ڊسپلي صرف هڪ انچ (26 ملي ميٽر) آهي ۽ صرف 0.4 انچ جو اسپيڪر لڳايو ويو آهي ان ۾ آءِ پي ايس ٽي ايف ٽي ڊسپلي آهي.