جنگشاهي (ن پ ا) جنگشاهي لڳ ھاليجي گجو روڊ تي سرڪاري مسافر خاني تي نامعلوم ماڻھن جي قبضي جي ڪوششن، ساڃاهه وند ڌرين پاران ڊي سي ٺٽو، ايس پي ٺٽو ۽ لاڳاپيل ادارن کي فوري طور نوٽيس وٺي قبضو ختم ڪرائڻ جو مطالبو. خبر موجب جنگشاهي لڳ ھاليجي گجو، گھارو مين روڊ تي ڳوٺ محمد حسن پليجو ۽ گل محمد جوکيو ويجھو ٺھيل مسافر خانو جيڪو سنڌ گورنمينٽ اران عوام جي سھولت لاءِ لکين رپيا خرچ ڪري ٺھرايو ويو ھو مسافر خاني ۾ جنگشاهي جي مختلف ڳوٺن جا رھواسي مرد توڙي عورتون مسافر خاني ۾ ويھي سواري جو انتظار ڪندا آھن، جنھن کي ڪجھه ڏينهن کان نامعلوم ماڻھن پاران ٻنهي پاسن کان ديوار ڏيئي ۽ ڊنگر رکي قبضي جي ڪوشش ڪري رھيا آھن،جنگشاهي جي ساڃاهه وند ڌرين ڊي سي ٺٽو، ايس پي ٺٽو ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي قبضا خورن کي روڪي مسافر خانو بحال ڪرايو وڃي ٻئي صورت احتجاج ڪيو ويندو.