ڪوٽڙي (رپورٽر) ڄامشوري ضلعي جي نوجوانن پاران هڪ مهيني کان منشيات خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ تحريڪ زور وٺي وئي، منشيات جي آزار خلاف ڪوٽڙي ۾ شهري ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي اڳواڻن يونس اوٺو، فياض سومرو، امداد پنهور، فتاح چنا، سليمان ڀلائي، امتياز هنڱورڳ، يوسف کوهارو، منصور جوڻيجو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڄامشورو ضلعو منشيات جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، پوليس جي سرپرستي ۾ هلندڙ آڪڙا، جوا جا اڏا نوجوانن جي تباهي جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن، پوليس جوابدارن کان منٿلي وٺي خاموش آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ضلعي ۾ ايماندار پوليس آفيسر مقرر ڪري منشيات ۽ جوا جا اڏا بند ڪرايا وڃن.