هالا(ن پ ا) هالا ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۾ رمضان جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو آهي، کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، منافعي خورن پاران من پسند اگهه مقرر ڪيا ويا، جنهن تحت کنڊ 100 رپيا في ڪلو، دال مصور 160 في ڪلو، دال مڱ 260 في ڪلو، اٽو 60 رپيا، کجور 200 کان 300 رپيا، کاڄرو تيل 280 کان 300 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو آهي، جڏهن ته فروٽن جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، جنهن ۾ ڇانهون، 60 کان 70 رپيا في ڪلو، گدرو 60 رپيا، صوف 200 رپيا، چڪو 200 رپيا، وڪرو ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن ته سائي ڀاجي به عوام جي پهج کان پري ٿي وئي آهي، ڀينڊيون 70 کان 80 رپيا ڪلو، گوار 200 کان 220 رپيا، ول توري 70 کان 80، ميها 70 کان 80، ڪريلا 100، ساوا مرچ 100، آلو 50، مرغي 500 کان 600، ٻاڪرو گوشت 1200 رپيا ڪلو، وڏو گوشت 800 کان هزار رپيا في ڪلو وڪري ٿيڻ لڳو آهي، جنهن ڪري غريب طبقو پريشان ٿي ويو آهي. رهواسين پاران هالا انتظاميا کان فوري نوٽيس وٺندي هٿرادو مهنگائي ڪندڙ دڪاندارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي مٿن ڪيس داخل ڪندي لاڪپ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.