سيراڻي (ن پ ا) سيراڻي، ڀڳڙا ميمڻ، ڪاڏي قاضيا، لواري شريف، احمد راڄو ۽ ڀرپاسي وارن شهرن ۾ رمضان المبارڪ جي ڀلارو مهينو شروع ٿيندي روزاني استعمال وارين شين جي اگهن ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿي ويو. پورهيت طبقو روزاني ضرورت جون شيون خريد ڪرڻ کان لاچار. ان حوالي سان خبر مطابق سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي دڪاندارن سرڪاري ريٽ لسٽ کي نظرانداز ڪندي عام واهپي وارين شين جا من پسند اگھه مقرر ڪري غريب خريدارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن. ان جي باوجود انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي. واپارين جي هڪ هٽيءَ باوجود صوف 250 رپيا ڪلو، ڪيلا 160 رپيا درجن، ڇانهين 60 رپيا في ڪلو، گدرا 50 رپيا في ڪلو، ڀينڊي 140،گيھه 250،کنڊ 100، اٽو 70 رپيا، مڇي 300 ۽ ڪڪڙ جو گوشت 500 رپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن. علائقي واسين ذوالفقار چاوڙو، مير مرتضيٰ، ياسين حسين، خالد اختر چاوڙو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته واپارين هڪ هٽي قائم ڪندي عام واهپي وارين شين جا هٿرادو اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ريٽ لسٽ تي عمل نه ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪري سرڪاري اگهن تي عمل ڪرايو وڃي.