ھالا (ن پ ا)  ھالا جي مختلف علائقن ۾ ميونسپل ڪاميٽي ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااھلي سبب مين روڊ ٿلھا چوڪ تي گٽرن جو پاڻي روڊن تي بيھجي ويو آهي، جڏھن ته گٽرن جو گندو پاڻي ٿلھا چونڪ تي درياء جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ۽ ھالا جي مختلف علائقن ۾ گند ڪچري جا ڍير نظر اچڻ لڳا، اتي مقامي دڪاندارن، رھواسين، ۽ واٽ ويندڙن، ۾ سيد شفيع محمد شاھ، غلام رضا قمبراڻي، شريف راجپوت ۽ ٻين ٻڌايو تہ  ميونسپل ڪميٽي ھالا ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااھلي سبب گذريل ڪجھ ڏينھن کان ھالا جي مين روڊ ٿلھا چونڪ جا گٽر بند ٿيڻ سبب گٽرن جو پاڻي دڪانن جي اڳيان روڊن تي بيٺل آھي، جنھن جي ڪري ڪاروبار متاثر ٿي رھيو آھي، ھنن جو چوڻ ھو تہ مين چونڪ تي گندو پاڻي بيھڻ ڪري ماڻھن کي اچ وڃ ۾ شديد مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو  ٿو پئي، نمازين جا ڪپڙا ناپاڪ ٿيڻ ڪري مسجدن ۾ وڃڻ کان لاچار بڻيل آھن، ھنن جو چوڻ ھو تہ گندو پاڻي وڏي مقدار ۾ ھجڻ ڪري ٻار اسڪول نٿا وڃي سگھن،جڏھن تہ ٻارن جي تعليم تباھ ٿي رھي آھي، گندي پاڻي بيھڻ سبب مڇرن جو آزار بہ وڌي ويو آھي، ٿلھا روڊ ۽ ٻين ڪيترن علائقن ۾ گند ڪچري جا ڍير لڳا پيا آھن، اسان شديد  مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھيون، ھنن مطالبو ڪيو ته جلد گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي نه ته اي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.