رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري جي نادر شاهه محلي جي رهواسڻ 16 ورهين جي نينگري نصرت مهيسر جو اڃا تائين ڪو به پتو پئجي نه سگھيو.محمد اسحاق مهيسر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڌيءُ 21 ڏينهن کان غائب آهي، سخت پريشان آهيون.اهڙي اين اسي رتوديرو ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پوليس منهنجي ڌيءُ جي ڳولها ۾ ڪا به مدد ڪو نه ڪئي آهي ويتر پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ  عيد خرچي جي گھر ڪري رهي آهي .ڌيءُ ٻن ڏينهن ۾ نه ملي ته مان مجبور ٿي انتهائي قدم کڻندس هن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته منهنجي ڌيءُ جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي.