ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف سيڪريٽري ، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي کنڀيلن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي آءِ جي اوڀر ۽ ايس ايس پي اوڀر کي ذاتي حيثيت ۾ گھرائي ورتو، درخواستگذار سڪينا، ثمينه ۽ صائمه بي بي درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندن وارث ڪيترن ئي سالن کان گم آھن پوليس ڪا مدد ڪرڻ لاء تيار ناھي،