سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي ملڪيتن جي ڪراين متعلق لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي ڄاڻايو آھي ته ڪرايا مقرر ڪرڻ جي لاءِ 8 رڪني ڪاميٽي تشڪيل ڏني وڃي، دڪاندارن ۽ ميونسپل آفيسرن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وڃي، ڪاميٽي مارڪيٽ ويليو جي حساب سان ميونسپل جي دڪانن جو ڪرايو مقرر ڪري اُن تي عمل ڪرايو وڃي، فيصلي جي خلاف ورزي ڪندڙ دڪاندارن جون دڪان نيلام ڪيون وينديون، ڪراين متعلق حڪم تي عمل فيبروري مھيني کان ٿيندو. عدالت مختصر فيصلي بعد ڪيس کي خارج ڪري ڇڏي