ٺٽو/ ڪيٽي بندر (نمائندا) ڪيٽي بندر لڳ اونهي سمنڊ ۾ شڪار ڪندي مهاڻن 20 فوٽ ڊگھي 30 مڻ وزني انڌي شارڪ (بلائينڊ شارڪ ) پڪڙي ورتي. شارڪ کي ڪناري تي پهچائي ٽريڪٽر جي مدد سان پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍيو ويو. ٺٽو جي سامونڊي تعلقي ڪيٽي بندر واسي مهاڻي عثمان ٽانڊيو ۽ سندس ساٿين اونهي سمنڊ ۾ مڇيءَ جي شڪار دوران 18 کان 20 فوٽ ڊگھي ۽ 27 کان 30 مڻ وزني انڌي شارڪ (بلائينڊ شارڪ) پڪڙي ٻين هوڙن جي مدد سان جنگيسر جي جيٽي تي پهچائي ٽريڪٽر ذريعي ڇڪي پاڻيءَ مان ٻاهر آندو. ٻڌايو پيو وڃي ته انڌي شارڪ جي چرٻيءَ مان تيل ڪڍيو ويندو جيڪو ڳري اگھه ۾ وڪامي ٿو. ٻئي پاسي انڌي شارڪ جي شڪار تي جنگيسر واسي مهاڻي عثمان ٽانڊيو سرهائي جو اظهار ڪيو آهي. شارڪ کي ڪناري تي آڻڻ بعد ان کي ڏسڻ لاءِ جنگيسر جي تڙ تي سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا. ھوڏانھن مقامي ماهيگيرن الله بچايو، ڪريم بخش ۽ ٻين ٻڌايو ته انڌي شارڪ خطرناڪ ھوندي آھي، مضبوط هوڙن کي سمنڊ ۾ ڪلٽي ڪري ڇڏيندي آھي. سندن چوڻ هو ته انڌي شارڪ جي چرٻي جي هوڙن ۽ لانچن جي ٻاهرين حصي کي مک ڏني ويندي آهي ته جيئن اهي مضبوط رهن.