حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان ھوسڙي جي علائقي بھار ڪالوني ۾ مبينا طور بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته 32 سالن جي نوجوان عمران علي پٽ قربان انصاري کي گهر ۾ پاڻي جي مشين هلائڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳو جنهن سبب هو بيهوش ٿي زمين تي ڪريو جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال کڻائي پهتا پر هو رستي ۾ ئي فوت ٿي چڪو هو. ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي موت جي تصديق بعد سندس وارث لاش کڻائي روانا ٿي ويا. فوتي نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا ۽ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان مسجد رحمانيا ۾ پيش امام پڻ ھو.