ڏوڪري (ن پ ا) ڊي ايس پي ڏوڪري جي اڳواڻي ۾ ڪچي جي علائقي پير محبڻ وٽ پوليس ڪارروائي 3 روپوش جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪرڻ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ڊي ايس پي آفيس ڏوڪري پهچي ڊي ايس پي امداد علي ٽالپر کي ڪيش انعام ۽ شاباش ڏني، پوليس موجب ڪارروائي دوران جوابدار ارباب جمالي، طالب جمالي ۽ رفيق جمالي کي 2 ايس ايم جي ۽ هڪ ٿري سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدارن مختلف ٿاڻن تي 15 کان وڌيڪ ڪيس ۾ گهربل هئا.